ڏاسواڻي، چندر

ڏاسواڻي، چندر

ڏاسواڻي، چندر

ڏاسواڻي، چندر

ڏاسواڻي چندر

ڏاسواڻي، چندر: سنڌ هند جو ناليوارو تعليمدان ۽ لسانيات جو ماهر پروفيسر ڊاڪٽر چندر جي. ڏاسواڻي، مئي 1936ع ۾ حيدرآباد، سنڌ ۾ ڄائو. هن هاءِ اسڪولي تعليم، حيدرآباد جي PNV هاءِ اسڪول مان ڪئي ۽ ورهاڱي کان پوءِ ديرادون جي سينٽ ٿامس هاءِ اسڪول مان مڪمل ڪئي. چندر ڏاسواڻي، بي. اي ۽ ايم. اي، انگريزي ادب ۾ ڪئي ۽ برٽش ڪائونسل اسڪالرشپ حاصل ڪري، 1963ع ۾ اينڊنبرو يونيورسٽيءَ ۾ Applied linguistics پڙهڻ ويو ۽ لسانيات ۾ ايم. اي ڪيائين. ان بعد فورڊ فائونڊيشن فيلوشپ حاصل ڪري، 1966ع ۾ لسانيات جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪارنيل يونيورسٽي، آمريڪا ويو، جتان پي. ايڇ. ڊي (لسانيات) ڪيائين.
پروفيسر چندر ڏاسواڻي، دهلي يونيورسٽي، جواهر لعل نهرو يونيورسٽيءَ ۽ پونا يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي ۽ لسانيات پڙهائيندو رهيو آهي. جواهر لعل نهرو يونيورسٽي ۽ پونا يونيورسٽيءَ ۾ 20 سالن تائين هيڊ آف ڊپارٽمينٽ رهيو آهي. نون (9) سالن تائين NCERT نئين دهليءَ ۾ نان فارمل ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ جو پروفيسر ۽ هيڊ رهيو آهي، جتان هن 31 مئي 1996ع تي رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. هن وقت ڊاڪٽر چندر ڏاسواڻي، دهليءَ ۾ يونيسڪو جو نئين ڪنسلٽنٽ آهي. هن لسانيات، سماجي لسانيات ۽ Applied Linguistics جي مختلف پهلوئن تي تحقيق ڪئي آهي. پروفيسر ڏاسواڻيءَ جي سنڌي ٻوليءَ تي کوجنا هند ۽ هند کان ٻاهر مڃتا ماڻي چڪي آهي، هن جا 20 ڪتاب ۽ 100 کان مٿي تحقيقي مقالا ڇپجي چڪا آهن. پروفيسر ڊاڪٽر ڏاسواڻي هند سرڪار جي ’سنڌي ائڊوائيزري بورڊ‘ جو ميمبر رهيو آهي. ساهتيه اڪادميءَ جي ’سنڌي صلاحڪار ڪميٽيءَ‘ جو به ميمبر رهيو آهي. ڊاڪٽر چندر ڏاسواڻي، ڊاڪٽر سندري پرچاڻيءَ سان گڏ هڪ ’ڪيس اسٽڊي‘ تيار ڪري ڪتاب لکيو آهي: Socio- Linguistic Survey of Indian Sindhi، جنهن موضوع کان متاثر ٿي، سنڌ جي اديب ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهئي، سماجي لسانيات ۾ ’هالا ۽ حيدرآباد جي لهجي‘ تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي. پروفيسر ڏاسواڻي، ڀارتي سرڪار جي اداري نيشنل ڪائونسل فار دي پروموشن آف انڊين لئنگئيجز جو ميمبر رهيو آهي. سندس تحقيق جو محور سماجي لسانيات، بالغن جي تعليم ۽ نان فارمل ايجوڪيشن رهيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جون اهم تصنيفون هيٺيون آهن:
(1) Languages of India (1972)
(2) Movement for the recognition of Sindhi and the choice of a script of Sinthi (1981)
(3) A Socio Linguistic Survey of Indian Sindhi (Delhi Case Study: 1985),
(4) Socio Linguistic Survey of Indian Sindhi (Book written by C J Daswani & Sundri Parchani)
(5) Status of Sindhi in Multilingual India (Lectures published and delivered by Sindih Academy, Delhi (1996).
ڊاڪٽر ڏاسواڻي، ڊسمبر 2004ع ۾ ڀارتي سنڌي اديبن ۽ عالمن جي وفد سان گڏ ٽن ڏينهن جي شاهه سچل ۽ سامي انٽرنيشنل امن ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ شرڪت لاءِ ڪراچيءَ پهتو هو. ان کان سواءِ هن 2008ع ۾ انٽرنيشنل قليچ ڪانفرنس، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ به شرڪت ڪئي هئي. ان دوران 11 نومبر 2009ع تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد پاران سڏايل ’ڀارت ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي صورتحال‘ عنوان واري مذاڪري ۾ به شرڪت ڪئي هئائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو